جيڪب آباد ۽ ٺل ۾ سياسي ۽ سماجي تنظيمن ريليون ڪڍي سنڌ امڙ سان محبت جو وچن ورجايو

جيڪب آباد ۽ ٺل ۾ ايڪتا جي ڏينهن تي متحده سميت مختلف سياسي سماجي تنظمين پاران ڌار ڌار  ريليون ڪڍي سنڌ امڙ سان محبت جو اظهار ڪيو ويو.

جيڪب آباد ۾ پيچوها ڳوٺ مان ايم ڪيو ايم پاران ايڪتا ريلي ڪڍي سنڌ سان محبت جو اظهار ڪيو ويو.

ٽائون هال ۾ رٿيل ايڪتا جي مک تقريب ۾ ايس ٽي پي، جسقم، ايس يو پي ۽  مختلف سياسي سماجي تنظمين پاران ريلين جي صورت ۾ شرڪت  جو سلسلو جاري آهي.

شهر جي القاسم پبلڪ اسڪول ۾ ايڪتا جي رنگا رنگ تقريب ڪوٺائي وئي، شاگردن  ٽيبلوز  پيش ڪيا ۽  هو جمالو تي رقص ڪيو.

ٺل ۾ايڪتا ڏهاڙي تي  پ پ، جسقم، ايس يو پي  ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن ڌار ڌار ريليون ڪڍي شهر جو گشت ڪري جهمريون هنيون، مختلف علائقن مان نڪتل ريلين رهبر چڪ تي مک تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*