سکر ۾ ايڪتا ڏينهن تي پريس ڪلب آڏومک تقريب ٿي هزارين ماڻهن جي شرڪت

 ثقافتي عيد جي موقعي تي ٽوپي ۽ اجرڪن جي جهر مِر ۾ سنڌ جرڪي پئي آهي ۽ هزارين ماڻهن جون ريليون مُک تقريبن جو حصو ٿي قومي ٻڌي جو ثبوت ڏئي رهيون آهن، سکر جي پريس ڪلب وٽ مُک تقريب ۾ هزارين ماڻهن جي پرجوش شرڪت ثابت ڪري ڇڏيو ته سنڌ جا ماڻهو سنڌڙي تي ميار ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿا ڪري سگهن.

سکر ۾ پريس ڪلب آڏو سکر شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مان سنڌ سان محبت ڪندڙ ماڻهن جا وڏا ميڙ گڏ ٿي رهيا آهن.

فٽيجز مان سکر پريس ڪلب آڏو جاري مُک تقريب جو منظر ڏسي لڳي ٿو ته سنڌ جي ماڻهن ست ڊسمبر کي دل سان سنڌ جي ثقافتي عيد تسليم ڪري ورتو آهي ۽ سندن پرجوش شرڪت اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ته سنڌ جو ماڻهو سنڌ تي ميار ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿو ڪري سگهي ۽ سندن جوش شاهد آهي ته اڄ عيد سندي ڏينهن جيڪي ماڻهو ايڪتا تقريبن جو حصو آهن، اُهي وٺي هر هر جنم وربو واري گيت تي لبيڪ چوڻ لاءِ آتا آهن.

پنو عاقل ۾ جسقم، ڪورائي اتحاد، هاري ڪميٽي ۽ ٻين تنظيمن پاران ريليون ڪڍي شاهه لطيف چوڪ تي آنديون ويون، جتي مُک تقريب جاري آهي.

ڪنڌرا ۾ به سياسي سماجي تنظيمن جي سڏ تي ايڪتا پروگرام جاري آهن، جنهن ۾ ماڻهن جو هڪ وڏو انگ شريڪ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*