سڄي سنڌ وانگر خيرپور ۾ به ايڪتا ڏينهن ملهايو پيو وڃي

 ايڪتا ڏينهن تي سڄي سنڌ وانگي خيرپور ۾ به ماڻهو ثقافتي ويس ڍڪي ريلين جي صورت ۾ شهر جو گشت ڪري ممتاز گرائونڊ پهتا، جتي مُک تقريب جاري آهي.

خيرپور جي خاڪي شاهه پُل تان جسقم ۽ ٻين قومپرست پارٽين جي سڏ تي ڪيتريون ئي ريليون گذري ڦول باغ، پنج گُلي چوڪ ۽ مريم توپ وٽان ٿينديون ممتاز گرائونڊ پهتيون، جتي مُک تقريب جاري آهي.

ريلين ۾ اهڙيون عورتون به شريڪ آهن، جن جي هنجن تي کير پياڪ ٻارڙا ۽ اهي به ثقافتي رنگن سان سينگاريل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*