لاڙڪاڻي ۾ ايڪتا ڏهاڙي تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ريليون ڪڍيون ويون

لاڙڪاڻو ۽ نصير آبا ۾ ايڪتا ڏهاڙي تي جسقم ۽ قومي عوامي تحريڪ سميت مختلف سياسي سماجي تنظمين پاران ريليون ڪڍي ويون.

لاڪاڻي ۾ ايڪتا جي ڏهاڙي تي جسقم، قومي عوامي تحريڪ، سنڌ هاري ڪميٽي، ايس يو پي، شاهه لطيف اسڪائوٽ، آپڪا فيملي پلاننگ، جيئي سنڌ تحريڪ سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون.

مختلف علائقن مان نڪتل ايڪتا ريليون جناح باغ  وٽ مک تقريب ۾ شرڪت ڪري  رهيون آهن.

جوڳي اتحاد پاران ڌامراهه کان لاڙڪاڻي تائين مرليون وڄائي مک تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

ايڪتا جي مک تقريب ۾ سورٺ ثقافت سنگت پاران تاريخي ۽ ثقافتي شين جو اسٽال لڳايو ويو آهي.

نصير آباد ۾ جسقم، قومي عوامي تحريڪ، ايس ٽي پي، کاهوڙا ڀلائي سنگت پاران ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شريڪ ماڻهن  پبلڪ پارڪ  وٽ انساني زنجير ٺاهي سنڌ امڙ سان محبت جو اظهار ڪيو.

گاجي کهاوڙ ۾ به شهرين، سياسي سماجي ڌرين ۽ شاگردن گڏيل طور ايڪتا ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو، هاءِ اسڪول جي گرائونڊ تي انساني زنجير ٺاهي سنڌ امڙ سان محبت جو اظهار ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*