گهوٽڪي ۾ ايڪتا ڏينهن جي موقعي تي سوين ماڻهن پاران ريلي ڪڍي وئي

گهوٽڪي ضلعي ۾ ايڪتا ڏينهن جي موقعي تي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن مان سوين ريلين گهوٽڪي پريس ڪلب آڏو پهچي مُک تقريب ۾ حصو ورتو ۽ قومي گيتن تي جهومي انڊلٺي رنگ اظهاريا.

گهوٽڪي پريس ڪلب آڏو ايڪتا جشن جاري آهي، جنهن ۾ مختلف شهرن مان قافلن شرڪت ڪري مُک تقريب کي جرڪائي ڇڏيو.

ڏهرڪي ۾ ايڪتا ريليون جي ايم سيد چوڪ ۽ اينگرو چوڪ کان پريس ڪلب آڏو پهتيون، جتي مُک تقريب جاري آهي.

خانپور مهر ۾ پنج گُلي چوڪ تي ايڪتا جو جشن جاري آهي، جنهن ۾ ماڻهن جو هڪ وڏو انگ رنگ برنگي ڪپڙا ۽ ثقافتي ويس ڍڪي شريڪ آهن.

ميرپور ماٿيلو ۾ گهنٽا گهر چوڪ تي ايڪتا جي حوالي سان مُک تقريب، ايس ٽي پي ، پي ٽي آءِ ۽ مختلف سياسي ثقافتي تنظيمن پاران قومي گيتن تي جهمريون هنيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*