حيدرآباد ۾ ايڪتا ڏهاڙي تي سنڌ جي جهوني دانشور ابراهيم جويو کي اجرڪ پارايا ويا

سنڌ ’’صدين کان“ جي سري هيٺ   ايڪتا ڏينهن وڏي جوش جذبي ۽ ولولي سان ملهايو پيو وڃي، سنڌ امڙ سان چاهه لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ريليون ڪڍي ايڪتا جشن ملهايو پيو وڃي.

حيدرآباد ۾ سنڌ جي جهوني دانشور ابراهيم جويو جي گهر ۾ ايڪتا ڪيڪ ڪاٽي ايڪتا تقريبن جي شروعات ڪئي، جنهن ۾ وڏي ۾ سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن شرڪت ڪئي.

حيدرآباد جي ذيل پاڪ ڪالوني مان جسقم ۽ ايس يو پي جي اڳوڻي ۾ ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي.

ٿاڻو بولا خان ۾ اسڪولي شاگردن ۽ استادن پاران ايڪتا ڏهاڙي تي ايڪتا ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ، جڏهن ته پريس ڪلب ۾ڪوٺايل تقريب ۾ فنڪارن سرن جي ورکا ڪئي.

نوري آباد جي مُک چوڪ تي جسقم ۽ قومي عوامي تحريڪ سميت ٻين سياسي سماجي تنظيمن پاران تقريب ٿي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾شهرين شرڪت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*