وڏو وزير سيد قائم علي شاهه سميت سروري جماعت جا خليفا ۽ مريدن جو وڏو انگ مخدوم هائوس پهتل

qaim-ali-shah05-9

مخدوم امين فهيم جو ٽيجهي اڄ هالا ۾ ٿي رهيو آهي، وڏو وزير سيد قائم علي شاهه سميت سروري جماعت جا خليفا ۽ مريدن جو وڏو انگ مخدوم هائوس پهتل آهن، مخدوم جميل الزمان حضرت مخدوم سروري نوح جي 19 گادي نشين طور دستار بندي کانپوءِ سروري  جماعت جو اڻويهون روحاني پيشوا بڻجي ويو آهي.

مخدوم هائوس تي مخدوم امين فهيم جو ٽيجهو ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، سروري جماعت جا خليفا ۽ مريدن جو وڏو انگ موجود آهي.

درگاهه سرورِ نـُوح ۾ سروري جماعت جي خليفن، مريدن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن جي موجودگي ۾ مخدوم جميل الزمان دستاربندي کانپوءِ سروري جماعت جو 19 روحاني پيشوا بڻجي ويو.

مخدوم جميل الزمان کي سندس چاچي مخدوم خليق الزمان پڳ جو پهريون ور ڏنو، جنهن بعد ڀائرن، چاچن ۽ خليفن پڳ جا ور ڏنا.

دستار بندي تقريب ۾ سنڌ اسيمبلي  جي اسپيڪر آغا سراج دراني، ايم اين روشن جوڻيجو، سروري جماعت جي خليفن ۽ مريدن جو وڏو انگ ۽ مختلف سياسي سماجي شخصيتن به شرڪت ڪئي.

سروري جماعت جي روحاني  پيشوا مخدوم جميل الزمان خطاب ڪندي چيو ته هو پنهنجي پيءُ جي نقشِ قدم تي هلندي  سموريون ذميورايون ادا ڪندو.

مخدوم جميل الزمان وڌيڪ چيو ته سروري جماعت پاڻ ۾ محبت ۽ ڀائيچاري کي وڌائيندي پنهنجي صفن ۾ اتحاد قائم ڪري……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*