حيدرآباد ۾ هٿيار بندن هٿان مارجي ويل ايس يو پي اڳواڻ انور لغاري جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪارڪنن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا

joho-protest-sup

حيدرآباد ۾ هٿيار بندن هٿان مارجي ويل ايس يو پي اڳواڻ انور لغاري جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪارڪنن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا آهن.

ڪنڌڪوٽ ۾ ايس يو پي ڪارڪنن زريت بجاراڻي، سجاد بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو.

  جوهي ۾ ڪارڪنن مک چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي آهي.

ٽنڊوآدم ڪارڪنن مجاهد ٿهيم ۽ اشرف ميراڻي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

عمرڪوٽ ايس يو پي ڪارڪنن روشن مڱريو، اختر مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ٺل ۾ ڪارڪنن جوش ٻرڙو، امان الله، گل حسن ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ميرپورخاص ايس يو پي ڪارڪنن مقصود پٺاڻ، عبدالعزيز خاصخليي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

 ماتلي ۾ ڪارڪنن اعجاز ٽالپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ڦلڪارا چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

قاضي احمد ۽ ٻين شهرن ۾ به ايس يو پي ڪارڪنن اڳواڻ انور لغاري جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا.

مظاهرين چيو ته ايس يو پي اڳواڻ انور لغاري جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*