پيپلز پارٽي جي روئي سبب ڪيترائي اقليتي مايوس ٿي سنڌ ڇڏڻ لاءِ سوچي رهيا آهن:نوازليگ ايم اين اي رميش لال

rameesh-lal

نوازليگ ايم اين اي رميش لال چيو آهي ته ٿرپارڪر ۾ مٿس حملو ڪيو پر ڪيس به سندن ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو، پيپلز پارٽي جي روئي سبب ڪيترائي اقليتي مايوس ٿي سنڌ ڇڏڻ لاءِ سوچي رهيا آهن.

ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته مڪاني چونڊن دوران اسلام ڪوٽ ۾ مٿس حملو ڪيو ويو، گاڏي بليٽ پروف هئڻ ڪري سندس زندگي بچي وئي.

رميش لال چيو ته حملي ۾ ملوث جوابدارن بدران ايف آءِ آر به سندن ماڻهن خلاف داخل ڪئي وئي، جيڪا وزيراعظم نوازشريف جي مداخلت تي ڪينسل ڪئي وئي.

هن چيو ته پيپلز پارٽي وارا چاهين ٿا سنڌ ۾ سمورا جيالا ٿي رهن يا سنڌ ڇڏي وڃن، اهڙي روئي سبب هندو برادري مايوس ٿي لڏپلاڻ ڪري رهي آهي.

نوازليگ ايم اين اي چيو ته سنڌ سندن ماءُ آهي هندو برادري کي اپيل آهي ته هو سنڌ نه ڇڏين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*