بلوچستان جي مسئلي جو حل ملڪ اندر ئي موجود آهي:بلوچستان جي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ

malik-baloch23-11

بلوچستان جي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ چيو آهي ته ماضي ۾ نوڪريون وڪرو ڪيون وينديون هيون پر هاڻي ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون پيون وڃن، بلوچستان جي مسئلي جو حل ملڪ اندر ئي موجود آهي.

لاهور ۾ مستحڪم بلوچستان سري هيٺ ٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي بلوچستان جي وڏي وزير عبدالمالڪ چيو ته 2013ع ۾ حڪومت سنڀالڻ وقت ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيا هئاسين.

هن چيو ته بلوچستان مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو آڻي عوام مان خوف هراس ختم ڪيو آهي،ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ ناصر جنجوعه بلوچستان ۾ امن امان لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو.

مالڪ بلوچ چيو ته بندوق عوام وٽ نه پر رياست وٽ هئڻ گهرجي، بلوچستان جي مسئلي کي پرڏيهه بدران ملڪ اندر ئي حل ڪري سگهجي ٿو.

ان موقعي تي خطاب ڪندي سيمينار کي خطاب ڪندي بلوچستان جي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سياسي ۽ عسڪري قيادت هڪ ڇت هيٺ ڪم ڪري رهيا آهن.

سرفراز بگٽي دعويٰ ڪئي ته صوبي ۾ ستر سيڪڙو امن امان بحال ڪرائي ڀنگ لاءِ اغوا ۽ ڦر جون وارداتون مڪمل طور ختم ڪرائي ڇڏيون آهن. ……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*