سنڌ جي گهرو کاتي پوليس کي طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ جلد انشورنس ڪارڊ ۽ ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروائي لاءِ پوليس کي بڪتر بند گاڏيون ڏيڻ جو فيصلو

ANWAR-SYAL

سنڌ جي گهرو کاتي پوليس کي طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ جلد انشورنس ڪارڊ ۽ ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروائي لاءِ پوليس کي بڪتر بند گاڏيون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته پوليس عملدارن فنڊز ۾ واڌ جو مطالبو ڪيو آهي.

سنڌ اسيمبلي جي  گهرو کاتي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران گهرو کاتي   جي سيڪريٽري محمد وسيم  ٻڌايو ته سنڌ پوليس کي طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ جلد انشورنس ڪارڊ ڏنا ويندا پر طبي سهولتن لاءِ فنڊز ناڪافي آهن.

اجلاس دوران گهرو سيڪريٽري  ٻڌايو ته ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروائي  ۾ حصو وٺندڙ پوليس کي بڪتر بند گاڏيون ڏنيون وينديون.

اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ عملدارن فنڊز ۾ واڌ جو مطالبو ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*