قمبر شهداڪوٽ جي ڊي سي ضلعي جي 431 گوسڙو استادن خلاف ڪارروائي لاءِ تعليم واري سيڪريٽري کي سفارش

fazullah-pechuho

قمبر شهداڪوٽ جي ڊي سي  ضلعي جي 431 گوسڙو استادن خلاف ڪارروائي لاءِ تعليم واري سيڪريٽري کي سفارش ڪئي آهي.

ڊي سي انوار الحق سيڪريٽري تعليم کي خط لکي سفارش ڪئي آهي ته ضلعي ۾ 431 ايڇ ايس ٽي، جي ايس ٽي ۽  پي ايس ٽي ڪجهه سالن کان ڊيوٽي نه پيا ڪن ان ڪري اهڙن استادن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

ذريعن موجب مختلف عملدارن پاران ڇاپن دوران گوسڙو استادن جي نشاندهي ڪرڻ بعد ڊي سي سندن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*