پنجاب جي علائقي ميانوالي ۾ هوائي فوج جو تربيتي جهاز ڪري تباهه ٿي ويو، حادثي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو

pfA-airoplan

پنجاب جي علائقي ميانوالي ۾ هوائي فوج جو تربيتي جهاز ڪري تباهه ٿي ويو، حادثي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.

هوائي فوج جي ترجمان موجب، ايئرفورس جو تربيتي جهاز ميانوالي جي علائقي ڪنديان واري علائقي ۾ اڏام دوران ڪري تباهه ٿي ويو.

ترجمان جو چوڻ آهي ته حادثي جي نتيجي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو ۽ جهاز ۾ سوار ٻئي پائيليٽس به محفوظ رهيا.

هوائي جي ترجمان موجب، جهاز حادثي جي جاچ لاءِ ايئر هيڊڪوارٽر پاران بورڊ جوڙيو ويو آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*