اسلام آباد جي احتساب عدالت، ايس جي ايس ۽ ڪوٽيڪنا ريفرنسز ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي بري ڪري ڇڏيو

Asif Ali zardari iran 15-7

 اسلام آباد جي احتساب عدالت، ايس جي ايس ۽ ڪوٽيڪنا ريفرنسز ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي بري ڪري ڇڏيو آهي، فاروق ايڇ نائيڪ چيو آهي ته سياسي انتقام لاءِ ٺاهيل ڪيسز ۾ آصف علي زرداري 8 سال جيل ڪاٽيا پر آخرڪار انصاف ملي ويو آهي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج چوڌري محمد بشير ٻن ريفرنسز ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي بريت واري درخواست تي 11 نومبر تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.

عدالت، ايس جي ايس ۽ ڪوٽيڪنا ريفرنسز ۾ آصف علي زرداري کي بري ڪندي چيو ته نيب پاران ڪي به جوڳا ثبوت پيش ناهن ڪيا ويا.

عدالتي ڪارروائي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف علي زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ڪنهن کان ڪا به گـِلا ناهي، 18 سالن کانپوءِ ڪيس ختم ٿي ويا آهن، اڄ آئين ۽ قانون جي فتح ٿي آهي.

فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جو ڪو به فائدو ناهي، آصف علي زرداري ڪوڙي ڪيسن ۾ 8 سالن تائين بهادري سان جيل ڪاٽيو، اهو ڪنهن کان به پلاند نه پيو وٺڻ چاهي.

آصف علي زرداري جي وڌيڪ چيو ته سوئيس اختيارين وٽ به آصف علي زرداري خلاف ڪو به ثبوت نه هو.

آصف علي زرداري خلاف ڪرپشن ريفرنس 1998 ۾ ريفرنس قائم ڪيا ويا هئا ۽ مارچ 2008 ۾ راولپنڊي جي احتساب عدالت پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سميت ٽن ڄڻن کي  بري ڪيو ويو هو پر سپريم ڪورٽ جي حڪم بعد ڪيس ٻيهر کوليو ويو هو.

واضح رهي ته ايس جي ايس ۽ ڪوٽيڪنا نالي سوئيس ڪمپنيون درآمد ٿيل سامان جي ماليت طئي ڪرڻ ۽ ان حساب سان ٽيڪس وصول ڪرڻ جي سفارشن جو ڪم ڪنديون آهن…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*