اليڪشن ڪميشن، نااهلي واري درخواست تي تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي 22 ڊسمبر تي ذاتي طور تي طلب ڪري ورتو

Imran-Khan-election-27-7

اليڪشن ڪميشن، نااهلي واري درخواست تي تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي 22 ڊسمبر تي ذاتي طور تي طلب ڪري ورتو آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي نااهلي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

شهري منصور علي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته عمران خان اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز ۽ حڪومت خلاف گهٽ وڌي ڳالهائيندو رهيو آهي.

درخواستگذار موجب، عمران خان چونڊن دوران ڌانڌلي جا الزام لڳايا پر ثابت نه ڪري سگهيو، پي ٽي آءِ سربراهه آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي پورو نٿو لهي، ان ڪري کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.

اليڪشن ڪميشن، اهڙي درخواست تي عمران خان کي 22 ڊسمبر تي ذاتي طور تي طلب ڪري ورتو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*