قومي اسيمبلي ۾ تبديلي اچي وئي، نرم رويو رکندڙ اسپيڪر سردار اياز صادق تحريڪ انصاف جي ميمبرز کي ڇنڊ

ayaz-sadiq

قومي اسيمبلي، وفاقي سرڪاري ملازمن لاءِ وزيراعظم پاران اعلانيل پئڪيج تي عملدرآمد ۽ بونير ۾ عورتن جي يونيورسٽي جي قيام بابت ٺهراءَ منظور ڪري ورتا آهن، ايوان ۾ نرم رويو رکندڙ اسپيڪر سردار اياز صادق بل پيش ڪرڻ دوران تحريڪ انصاف جي ميمبرز کي ڇنڊ پٽيندي چيو آهي ته ڪجهه ميمبرز بل پيش ڪرڻ کان اڳ ٻاهر وڃي شڪايتون ڪري رهيا آهن، کين قانونسازي جي خبر ناهي ته سندس اسٽاف مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

ايوان ۾ پي ٽي آءِ جي ڊاڪٽر عارف علوي پاران تڪرارن کي مصلحتن جي حل جي ذريعي حل ڪرڻ بابت ترميمي بل پيش ڪيو، جنهن جي حڪومت مخالفت نه ڪئي.

اسپيڪر سردار اياز صادق، پي ٽي آءِ جي پارلياماني ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ميمبرز کي بل پيش ڪرڻ نٿو اچي ته سندس اسٽاف مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

اياز صادق چيو ته ڇهن مهينن تائين ايوان مان غائب رهندڙ پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ بدران اسپيڪر آفيس تي تنقيد پيا ڪن، بل پيش ڪرڻ کان اڳ ئي ٻاهر وڃ شڪايتون پيون ٿين ته کين  قانونسازي جي اجازت نٿي ملي.

اجلاس ۾ جماعت اسلامي پاران وياج کان پاڪ بينڪاري نظام بابت بل پيش ڪيو، جنهن ۾ 26 ترميمون شامل هيون.

بل جي متن ۾ چيو ويو ته وياج کان پاڪ بينڪاري نظام بابت آئين جي آرٽيڪل 31 ۽ 38 ۾ واضح آهي، حڪومت عملدرآمد لاءِ قدم کڻي.

حڪومت پاران بل جي مخالفت نه ڪرڻ سبب اسپيڪر بل لاڳاپيل ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو.

ايوان ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) پاران به 21 هين آئيني ترميم ۾ وڌيڪ ترميمن لاءِ بل پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته 21 هين ترميم ۾ مذهب کي شامل ڪيو ويو آهي، مذهب کي دهشتگردي نه ڳنڍيو وڃي، دهشتگرد صرف دهشتگرد هوندا آهن، جيڪي انسانيت جا دشمن هوندا آهن، اسپيڪر ان کي بل به لاڳاپيل ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو.

ايوان ۾ وزيراعظم پاران وفاقي سرڪاري ملازمن لاءِ اعلانيل پئڪيج تي عملدرآمد ۽ بونير ۾ عورتن لاءِ يونيورسٽي جي قيام بابت ٺهراءُ منظور ڪرڻ بعد  اسپيڪر ڪارروائي سڀاڻي ڏهين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*