سنڌ هاءِ ڪورٽ آبادي جي ڀلائي واري کاتي جي 1280 ملازمن کي پڪو ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم

Sindh High CCourt

سنڌ هاءِ ڪورٽ آبادي جي ڀلائي واري کاتي جي 1280  ملازمن کي پڪو ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو  آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ آبادي جي ڀلائي واري کاتي ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ 1280 ملازمن کي ريگيولر ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذارن جي وڪيل جو چوڻ آهي ته هاءِ ڪورٽ اڳ ئي آبادي جي ڀلائي واري کاتي جي ملازمن کي ريگيولر ڪرڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي ۽ سنڌ اسيمبلي به 2013ع ۾ ريگيولرائيزيشن ايڪٽ پاس ڪري چڪي آهي.

درخواستگذارن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ اسيمبليءَ مان منظوري باوجود ملازمن کي ريگيولر نٿو ڪيو وڃي. جڏهن ته توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرڻ بعد ملازمن جي پگهار به روڪي وئي آهي.

اهڙي درخواست تي عدالت آباديءَ جي ڀلائي واري کاتي جي سيڪريٽري سليم رضا کهڙو کي طلب ڪيو، جنهن جي پيش ٿيڻ تي عدالت ملازمن کي پڪو ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*