رينجرز ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم سان واسطو رکندڙ 4 دهشتگردن ۽ 45 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا

rangres

رينجرز ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪري  پابندي مڙهيل تنظيم سان واسطو رکندڙ 4 دهشتگردن ۽ 45 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ  ڪري ورتا آهن.

رينجرز ڪراچي جي صدر ۽ ناظم آباد وارن علائقن ۾ ڪارروائي ڪري 4 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو آهي.

رينجرز ترجمان موجب گرفتار دهشتگردن جو واسطو پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي.

رينجرز ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ ناٿا خان جي علائقي هزاره ڳوٺ، گرومندر ۽ ڪورنگي وارن علائقن ۾ سرچ آپريشن ڪري گهر گهر تلاشي ورتي.

رينجرز ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي دوران 45 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن.

ڪراچي جي بلديا واري علائقي ۾ رينجرز جي 4 اهلڪارن جي قتل کانپوءِ ڏوهارين خلاف ڪارروائي تيز ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*