اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊن جي پهرين ۽ ٻئي مرحلي ۾ ڪامياب ٿيل اميدوارن جي ڪاميابي جو اڃا تائين نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو

Election--11-11

اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊن جي پهرين ۽ ٻئي مرحلي ۾ ڪامياب ٿيل اميدوارن جي ڪاميابي جو اڃا تائين نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو آهي، صوبائي اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي اميدوارن پاران چونڊن دوران  ڪيل خرچن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ سبب نوٽيفڪيشن جاري نه ٿي سگهيو آهي.

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي لاءِ 31 آڪٽوبر ۽ ٻئي مرحلي لاءِ 19 نومبر تي چونڊون ٿيون پر هيل تائين اميدوارن جي ڪاميابي نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو آهي.

صوبائي اليڪشن ڪمشنر  تنوير ذڪي جو چوڻ آهي ته اميدوارن کي چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ هفتي اندر چونڊن دوران ڪيل خرچن جا تفصيل جمع ڪرائڻا هوندا آهن پر ڪيترن ئي اميدوارن پاران خرچن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ سبب نوٽيفڪيشن جاري نه ٿي سگهيو آهي.

صوبائي اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جا سمورا مرحلا فيبروري تائين مڪمل ٿي ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*