سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ، مختلف ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز ۽ سينئر سول ججز کي ترقي ڏئي، سندن مقرري جا حڪم جاري

sindh-highi-court11-8

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ، مختلف ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز  ۽ سينئر سول ججز کي ترقي ڏئي، سندن مقرري جا حڪم جاري ڪيا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت محمد يوسف گل کي لاڙڪاڻي کان مورو، مقبول احمد ميمڻ کي ڪراچي سينٽرل کان سکر ۽ ملڪ محمد اختر کي ڪراچي ڏکڻ کان گهوٽڪي  بدلي ڪري ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مقرر ڪيو ويو آهي.

عبدالرحيم چانڊيو کي ملير کان شڪارپور بدلي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ جي ڊپٽي رجسٽرار محمد ياسين کي ايڊيشنل رجسٽرار مقرر ڪيو ويو آهي.

عنايت الله ڀٽو کي دادو کان ٽنڊو محمد خان، فتح مبين نظام کي ڪراچي کان سانگهڙ ۽ نديم بدر قاضي کي ڪراچي اوڀر کان ڪنڌڪوٽ بدلي ڪيو ويو آهي.

ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز کي ڏنل ترقين تحت عاليا انور کي ڪراچي اوڀر کان ٽنڊو آدم، حفيظ مصباح الدين ڦلپوٽي کي سکر کان ٽنڊو الهيار ۽ صدف کوکر کي شڪارپور کان لاڙڪاڻي بدلي ڪيو ويو آهي.

سينئير سول ججز ۽ اسسٽنٽ سيشن ججز جون به بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن، جنهن تحت محمد ابراهيم کي ڪشمور کان ٽنڊو الهيار ۽ خادم حسين چنڊ کي سيوهڻ کان دادو بدلي ڪيو ويو آهي.

نويد احمد کي کپرو کان جوهي ۽ علي محمد سهتو کي شڪارپور کان مورو بدلي  ڪيو ويو آهي.

محمد يوسف ملڪ کي ڪراچي اوڀر کان هالا،سيد ظهير احمد نقوي کي ڪراچي سينٽرل کان ڪوٽڙي ۽ محمد سليم بٽ کي  ڀريا کان ڪراچي سينٽرل بدلي ڪيو ويو آهي.

 عبدالرحيم چانڊيو کي ترقي ڏئي بدلي ڪيو ويو آهي، ظفر حسين لغاري کي نوشهرو فيروز کان  ڪراچي ڏکڻ ۽ جهانگير ڀيو کي لاڙڪاڻي کان ڪراچي ڏکڻ بدلي ڪيو ويو آهي.

سينئر سول جج سيد غوث علي شاهه جيلاني کي شڪارپور کان ڪراچي اوڀر بدلي ڪيو ويو آهي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*