ڪراچي ۾ مک ايڪتا تقريب پريس ڪلب آڏو ٿي جنهن ۾ هزارين ماڻهن قومي گيتن تي رقص ڪيو

سنڌ جي ٻين شهرن جيان ڪراچي جي مختلف علائقن مان ريليون ڪڍيون ويون، ڪراچي پريس ڪلب آڏو مک تقريب ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪري ڌرتي ماءُ سان محبت جو وچن ورجايو آهي.

ڪراچي جي ملير ۽ ٻين علائقن مان ريليون ڪراچي پريس ۾ مک  تقريب ۾ پهتيون ، جتي قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو.

جسقم جي ريلي پارٽي جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ساگر حنيف بڙدي ۽ بشير خان قريشي جي ننڍي پٽ ڪوسين قريشي جي اڳواڻي ۾ گلشن حديد کان پريس ڪلب تائين پهتي، جتي  سنڌ ماءُ سان محبت جو وچن  ورجايو ويو.

ريلي کان اڳ ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌ ۾ چچريل لاش ملڻ باوجود سنڌي قوم ايڪتا جو مظاهرو ڪيو آهي.

هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن ڪاوڙ کي   طاقت ۾ تبديل ڪري دنيا کي ٻڌايو آهي ته سنڌي منظم قوم آهن.

ملير ۾ ايس ٽي پي، هندو پنچائت ۽ ٻين تنظيمن  پاران به  پپري کان ملير پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.

سنڌ قومي پارٽي پاران به ملير کان ڪراچي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.

ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن کان ريلوي محنت ڪش يونين پاران ڪراچي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*