ڪراچي جي لي مارڪيٽ ۾ ڦٽاڪا ٺاهيندڙ بارودي مواد جي ڦاٽڻ سبب زخمي ٿيل ڇهن ڄڻن مان هڪ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو

karachimap

ڪراچي جي لي مارڪيٽ ۾ ڦٽاڪا ٺاهيندڙ  بارودي مواد جي ڦاٽڻ سبب زخمي ٿيل ڇهن ڄڻن مان هڪ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته پنجن زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

لياري جي لي مارڪيٽ واري علائقي ۾ هڪ دڪان اندر ڦٽاڪا تيار ڪندڙ ڌماڪيدار مادو ڦاٽِي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي پوليس پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن بعد زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي هڪ زخمي زندگي جي جنگ هارائي ويو، جڏهن ته پنجن زخمين مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

ڊي ايس پي جو چوڻ آهي ته ڌماڪو ڦٽاڪا تيار ڪندڙ بارودي مواد ڦاٽڻ سبب ٿيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*