سنڌ پوليس جي نقاب پوش اهلڪارن پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي احاطي ۾ ذوالفقار مرزا جي حامين ۽ صحافين تي تشدد واري توهين عدالت ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي سميت 12 آفيسرن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري سزا هڪ هفتي لاءِ ملتوي

Sindh-high-court-IG-Sindh

سنڌ پوليس جي نقاب پوش اهلڪارن پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي احاطي ۾ ذوالفقار مرزا جي حامين ۽ صحافين تي تشدد واري توهين عدالت ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي سميت 12 آفيسرن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري سزا هڪ هفتي لاءِ ملتوي، پوليس آفيسرن جي وڪيل سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته آءِ جي سنڌ سميت 10 آفيسرن فرد جرم وارو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي، جنهن ڪري فرد جرم لاڳو ڪرڻ وارو عمل روڪيو وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل ڊويزن بئنچ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي گرفتاريءَ لاءِ عدالتي گهيراءُ ۽ عدالت جو حڪم نه مڃڻ تي توهين عدالت واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران چيف سيڪريٽري سنڌ صديق ميمڻ، سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ پوليس آفيسرن جي وڪيلن عدالت ۾ پيش ٿي جواب داخل ڪرايا.

ٻڌڻيءَ جي موقعي تي آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي، اڳوڻو ايڊيشنل آءِ جي غلام قادر ٿيٻو، ڊي آءِ جي ويسٽ فيروز شاهه، ڊي آءِ جي ڏکڻ ڊاڪٽر جميل احمد، اي آءِ جي اسپيشل برانچ فيصل بشير ميمڻ، ايس پي سٽي فدا جانوري، ايس پي ذيشان صديقي، ايس پي طاهر نوراني، ايس ايس پي چوڌري اسد، ايس پي رئيس غني، سب انسپيڪٽر جهانگير مهر عدالت ۾ موجود هئا.

سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ وفاق جو موقف پيش ڪندي چيو ته آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ جو اختيار سنڌ حڪومت وٽ آهي، جڏهن ته وفاق سنڌ حڪومت جي سفارشن تي عملدرآمد ڪرڻ جو پابند آهي.

سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ جو فيصلو سنڌ حڪومت کي ڪرڻو آهي پر عدالت جيڪو به حڪم ڏيندي ان تي عمل ڪيو ويندو.

چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ دهشتگردن ۽ ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي، مڪاني ادارن جي چونڊن دوران امن امان بحال رکڻ به پوليس جي ذميواري آهي، اهڙي صورتحال ۾ آءِ جي سنڌ ۽ ٻين آفيسرن کي هٽائڻ سان پوليس جو مورال گهٽجي ويندو.

اي آءِ جي اسپيشل برانچ فيصل بشير ميمڻ عدالت ۾ پيش ٿي چيو ته کيس شوڪاز نوٽيس جاري نه ٿيو آهي، جنهن تي عدالت سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي کيس نوٽيس جاري ڪندي اڄ ئي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

پوليس آفيسرن جي وڪيل عدالت ۾ پيش ٿي ٻن هفتن جي مهلت طلب ڪندي موقف اختيار ڪيو ته آءِ جي سنڌ سميت 10 سينيئر آفيسرن فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي، جنهن ڪري ٻن هفتن تائين فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري سزا تي عمل روڪيو وڃي.

عدالت اهڙي پوليس جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ فرد جرم واري ڪارروائي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي، جنهن جي ذوالفقار مرزا جي وڪيلن مخالفت ڪئي.

ٻئي طرف سپريم ڪورٽ آءِ جي سنڌ سميت 10 سينيئر آفيسرن جي درخواست تي چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ اڳوڻَي گهرو وزير ذوالفقار مرزا کي پهرين ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*