نوشهرو فيروز ضلعو به ايڪتا جي رنگن سان جرڪي پيو قومي ڪارڪنن جي شهادت تي ٻه منٽ خاموشي اختيار ڪئي وئي

نوشهرو فيروز ضلعو به ثقافتي رنگن سان جرڪي پيو آهي، مختلف شهرن ۽ وستي واهڻن مان آيل قافلن هڪ هنڌ گڏ ٿي قومي ڪارڪنن جي شهادت تي ٻه منٽ خاموشي اختيار ڪري اجتماعي دُعا گهري ۽ شهيدن جي غائبانه جنازي نماز به پڙهائي وئي.

نوشهرو فيروز جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن مان ماڻهن جو سمنڊ نوشهرو فيروز واري مُک تقريب جو حصو ٿيو، ان موقعي تي قومي ڪارڪنن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪري ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪئي وئي ۽ هزارين ماڻهن شهيدن جي اجتماعي غائبانه جنازي نماز پڙهي سندن مغفرت لاءِ ڌڻي در ٻاڏايو.

محرابپور ۾ ايڪتا جي حوالي سان شاندار تقريب ٿي، جنهن ۾ ڀرپاسي جي ماڻهن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي.

ڪوٽڙي ڪبير ۾ مختلف تنظيمن پاران پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي وئي نيشنل هاءِ وي تي آندي وئي، جتي مُک تقريب جاري آهي، جڏهن ته ايڪتا جي موقعي تي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ به ٿي، جنهن ۾ مختلف ٽيمن حصو ورتو.

ٺارو شاهه ۾ جسقم، ايس يو پي ۽ ٻين تنظيمن پاران ڀريا اسٽاپ کان ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون.

خانواهڻ ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان جسقم، شاهه لطيف فائونڊيشن، جسمم، جيئي سنڌ محاذ رياض چانڊيو گروپ، شهري اتحاد ۽ واپاري تنظيمن پاران سيد چوڪ کان ڌار ڌار ريليون ڪڍي پريس ڪلب آنديون ويون، ان موقعي تي پرجوش سنڌين قومي گيتن تي رقص ڪيو.

پڊعيدن ۾ به ايڪتا جي حوالي سان شاندار تقريبون ٿيون، جن ۾ ماڻهن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي.

هالاڻي ۾ سپاف ۽ شهري اتحاد پاران ايڪتا جون ڌار ڌار ريليون ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ويو، ان موقعي تي قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو.

ڀرياسٽي ۾ به ماڻهن جي هڪ وڏي انگ ايڪتا ريلين جي صورت ۾ پريس ڪلب آڏو گڏ ٿي ايڪتا جون خوشيون ورهايون ۽ قومي گيتن تي جهمريون هڻي قومي ٻڌي توڙ نڀائڻ جو وچن ورجايو.

لاکا روڊ ۾ ريلوي ڦاٽڪ کان حيدري چوڪ تائين ريلي ڪڍي ايڪتا ڏينهن ملهايو ويو، ان موقعي تي فنڪارن قومي گيت ڳائي سُر وِکيريا.

مورو ۾ به ايڪتا جي تقريب ۾ ماڻهن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ دلشير تيوڻو، ماروي ۽ ٻين فنڪارن سُر وِکيريا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*