راولپنڊي جي ڪسٽم ڪورٽ سپر ماڊل ايان علي کي سندس پاسپورٽ واپس ڪرڻ واري درخواست منظور ڪري ورتي

Ayyan-Case-25-11

راولپنڊي جي ڪسٽم ڪورٽ سپر ماڊل ايان علي کي سندس پاسپورٽ واپس ڪرڻ واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي، عدالت چيو آهي ته ايان علي پرڏيهه وڃڻ کانپوءِ ڏيهه واپس نه آئي ته پاڪستان ۾ سندس سموري ملڪيت ضبط ڪئي ويندي.

راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت جي جج راڻا آفتاب احمد، سپر ماڊل ايان جي پاسپورٽ جي حوالگي بابت  درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.

عدالت، ايان علي جي 10-10 لک رپين جي مچلڪن عيوض درخواست منظور ڪندي کيس پاسپورٽ واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

ان کان اڳ ڪسٽم جي جاچ آفيسر عدالت ۾ جواب داخل ڪرائيندي چيو  هو ته ايان علي وٽان 3 پاسپورٽ هٿ آيا هئا، جيڪي  ڪسٽم جي تحويل ۾ آهن، ته پاسپورٽ واپس ڪرڻ جي صورت ۾ ايان علي جي پرڏيهه فرار ٿيڻ جو خدشو آهي ۽ ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس جو ٽرائل به متاثر ٿي سگهي ٿو.

ڪسٽم عدالت کي استدعا ڪئي ته ايان علي کي پاسپورٽ جي حوالگي بابت درخواست رد ڪئي وڃي.

عدالت، حڪم ڏنو ته ايان علي کي پاسپورٽ واپس ڪيو وڃي، جيڪڏهن ايان ڏيهه وڃڻ بعد واپس نه آئي ته سندس پاڪستان اندر سموري ملڪيت ضبط ڪئي ويندي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*