تحريڪ انصاف، ايس جي ايس ۽ ڪوٽيڪنا ريفرنسز ۾ آصف علي زرداري جي بريت کي پ پ ۽ ن ليگ جي خاموش مفاهمت قرار ڏئي ڇڏيو

PTI-Naeem-Ul-Haq

تحريڪ انصاف، ايس جي ايس ۽ ڪوٽيڪنا ريفرنسز ۾ آصف علي زرداري جي بريت کي پ پ ۽ ن ليگ جي خاموش مفاهمت قرار ڏئي ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ جي مرڪزي اطلاعات واري سيڪريٽري نعيم الحق چيو آهي ته موجوده نيب چيئرمين کي ڪرپشن جي خاتمي بدران ن ليگ ۽ پ پ جا ڪيس ختم ڪرڻ جو مشن ڏنو ويو آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ پي ٽي آءِ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل نعيم الحق چيو ته آصف علي زرداري جي بريت مان ثابت ٿي ويو آهي ته نيب ۾ آزاداڻي انداز ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ناهي رهي.

هن چيو ته نيب ووٽ بااثر جوابدارن جي احتساب ۽ آزاداڻي جاچ جي به صلاحيت ناهي رهي، نيب جا فيصلا حڪومت ۽ پ پ وچ ۾ خاموش مفاهمت جو نتيجو آهي.

نعيم الحق چيو ته نيب جي موجوده چيئرمين کي ڪرپشن ختم ڪرڻ بدران ن ليگ ۽ پ پ جي قيادت تي بدعنواني جا قائم ڪيس ختم ڪرڻ جو مشن ڏنو ويو آهي.

پي ٽي آءِ جي ترجمان نعيم الحق مطالبو ڪيو ته نيب جهڙي ناڪاره اداري کي بند ڪري نئين سر احتساب جو موثر نظام واضح ڪيو وڃي ۽ نيب جي ڪردار تي پارليامينٽ ۾ پڻ بحث ڪرايو وڃي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*