لاهور جي اليڪشن ٽربيونل قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي هڪ سئو 18 تي نواز ليگ جي اميدوار ملڪ رياض جي ڪاميابي خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست خارج ڪري ڇڏي

election-tribunal-lahore

لاهور جي اليڪشن ٽربيونل قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي هڪ سئو 18 تي نواز ليگ جي اميدوار ملڪ رياض جي ڪاميابي خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست خارج ڪري ڇڏي آهي.

اليڪشن ٽربيونل لاهور جي جج  رشيد قمر اين اي هڪ سئو ارڙنهن تي نواز ليگ جي اميدوار ملڪ رياض جي ڪاميابي خلاف پي ٽي آءِ جي حامد زمان جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو.

ٽربيونل، پي ٽي آءِ جي اميدوار جي درخواست رد ڪندي چيو ته ڌانڌلي بابت ڪي به جوڳا ثبوت پيش ناهن ڪيا ويا.

اين اي 118 تان نواز ليگ جو اميدوار ملڪ رياض هڪ لک 3 هزار 346 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو هو، جڏهن ته سندس مخالف اميدوار حامد زمان کي 43 هزار 616 ووٽ مليا هئا.

فيصلي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ملڪ رياض چيو ته اليڪشن ٽربيونل 60 هزار ووٽن سان سندس ڪاميابي کي برقرار رکيو آهي، فيصلي سان ڌانڌلي جو شور مچائيندڙن کي جواب ملي ويو آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*