اينٽي ڪرپشن جي ڇاپن جو سلسلو جاري آهي، ڪراچي جي لياري جنرل اسپتال تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو

LGH-Karachi-25-11

اينٽي ڪرپشن جي ڇاپن جو سلسلو جاري آهي، ڪراچي جي لياري جنرل اسپتال تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو آهي.

ڪراچي جي علائقي لياري ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم دوائن جي خريداري ۽ ٻين معاملن ۾ مبينا گهوٻين بابت شڪايتن تي لياري جنرل اسپتال تي ڇاپو هنيو.

ڇاپي دوران اسپتال عملو فرار ٿي ويو، جڏهن ته اينٽي ڪرپشن ٽيم جي عملدارن ڏيڍ ڪلاڪ تائين رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي.

ذريعن موجب، اينٽي ڪرپشن ٽيم اسپتال تي ڇاپي دوران رڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ اهم دستاويز تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آهن.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته لياري جنرل اسپتال ۾ دوائن جي خريداري ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ٿي آهي، جنهن جي جاچ لاءِ اينٽي کاتي جوڳا قدم کنيا آهن……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*