سنڌ هاءِِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو ميونسپل ڪميٽي ڪنڌڪوٽ جي 36 ملازمن کي پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کي شوڪاز جاري ڪندي 9 ڊسمبر تي جواب طلب ڪري ورتو

Sindh High CCourt

سنڌ هاءِِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو ميونسپل ڪميٽي ڪنڌڪوٽ جي  36 ملازمن کي پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کي شوڪاز جاري ڪندي 9 ڊسمبر تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

عدالت ڪنڌڪوٽ ميونسپل ڪميٽي جي 36 ملازمن کي گذريل ڪيترن ئي مهينن کان رهيل پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت گذريل ٻڌڻي پيش نه ٿيڻ ڪري سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

عدالت سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کان جواب طلب ڪندي کيس ذاتي طور عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 9ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*