سموري سنڌ جيان ميرپورخاص ۾ به ايڪتا ڏهاڙو جذبي سان ملهايو ويو

سموري سنڌ جيان ميرپور خاص ۾ ايڪتا ڏهاڙو ان عهد سان ملهايو ويو ته سنڌ جي سرزمين تي آيل هر تڪليف جي گهڙيءَ کي مڙس ٿي منهن ڏنو ويندو.

ميرپور خاص ۾ جسقم، ايس ٽي پي، پ پ يوٿ ونگ، عوام سجاڳ تحريڪ، لاشاري، لغاري اتحاد، مري برادري، ڀيل برادري ۽ ٻين برادرين پاران ريليون ڪڍيون ويون، جيڪي مرڪزي پوسٽ آفيس تي مک تقريب ۾ شريڪ ٿيون.

ميرپور خاص ۾ سنڌڙي پريس ڪلب پاران ڪڍيل اٺن جي ريلي پهتي، جنهن دوران قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو.

ڊگهڙي ۾ جسقم، پ پ ڪلچرل ونگ، سنڌ ڪولهي اتحاد  ۽ ٻين تنظيمن پاران ريليون ڪڍي پريس ڪلب آڏو  تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن دوران قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون.

ڊگهڙي ۾ پ پ، جسقم، ايس ٽي پي، قومي عوامي تحريڪ، ايس يو پي ۽ ٻين تنظيمن پاران به ريليون ڪڍي پريس ڪلب آڏو تقريب منعقد ڪئي وئي.

سنڌڙي ۾ ايس ٽي پي، مري، شر برادري ۽ فنڪشنل ليگ پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون.

نئون ڪوٽ ۾ سنڌ قومي اتحاد، تحريڪ انصاف، جسقم، ڀيل فورم، ايس ٽي پي، جسقم ۽ ٻين تنظيمن پاران ڪي ٽي اين نيوز آفيس کان تاريخي قلعي تائين ريلي ڪڍي وئي، جتي تقريب منعقد ڪري ڌرتي ماءُ سان ايڪتا جو اظهار  ڪيو ويو.

جهڏو ۾ جسقم، قومي عوامي تحريڪ ۽ ٻين تنظمين پاران ريليون ڪڍي، سنڌ امڙ سان ايڪتا جو اظهار ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*