ڪراچي ۾ پ ٽ الف جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج دوران استادن تي پوليس جي وحشياڻي تشدد خلاف مختلف شهرن ۾ اسڪولن جي تالابندي

school

ڪراچي ۾ پ ٽ الف جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج دوران استادن تي پوليس جي وحشياڻي تشدد خلاف مختلف شهرن ۾ اسڪولن جي تالابندي ڪئي وئي آهي، جنهن سبب مختلف علائقن ۾ اسڪولن ڏانهن ويندڙ ٻارڙن کي واپس موٽايو ويو.

گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ سيڪريٽري تعليم جي برطرفي ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج دوران پوليس استادن کي تشدد جو نشانو بڻائي 2 سئو کان وڌيڪ گرفتاريون ڪيون هيون.

استادن تي پوليس تشدد ۽ گرفتارين خلاف نوابشاهه، ميرپورخاص، ٺٽَي، ٽنڊوآدم، باڊهه، مٺياڻي، ٿاڻوبولاخان، بدين ۽ ٻين شهرن ۾ اسڪولن جي تالابندي ڪئي وئي آهي.

ٻانڌي ۾ پ ٽ الف جَي سڏ تي محمد اشرف بروهي ۽ محمد مراد خاصخيلي جي اڳواڻيءَ ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

استادن ڪيترن ئي علائقن ۾ اسڪول ويندڙ شاگردن کي واپس گهرن ڏانهن موٽائي ڇڏيو.

پ ٽ الف اڳواڻن جو چوڻ آهي ته مطالبن جي مڃتا لاءِ پرامن طريقي سان احتجاج ڪندڙ استادن تي پوليس بنا جواز لٺبازي ۽ شيلنگ ڪري تشدد جو نشانو بڻايو آهي، جنهن جي هــُو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*