ڪراچي: فيڊرل سي ايريا مان رينجرز ڪارروائي دوران 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

karachi-rangraes

ڪراچي ۾ رينجرز جون ڏوهارين خلاف ڪارروايون جاري آهن، فيڊرل سي ايريا مان رينجرز ڪارروائي دوران 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ رينجرز ايف  سي ايريا بلاڪ ون ۾ ڪارروائي دوران رستا سيل ڪري گهر گهر تلاشي ورتي، جنهن دوران 5 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو.

ذريعن موجب رينجرز گرفتار ٿيلن وٽان  مختلف قسم جا هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن.

گذريل رات رينجرز مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي 16 ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪري ورتا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*