راڄو خاناڻي پوليس زميندار جي مبينا نجي جيل تي ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 29 هارين کي بازياب ڪرائي ورتو

badin-map

راڄو خاناڻي پوليس زميندار جي مبينا نجي جيل تي ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 29 هارين کي بازياب ڪرائي بدين جي سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو آهي.

پوليس موجب عدالتي حڪم تي گذريل رات زميندار يوسف هاليپوٽَي جي مبينا نجي جيل تي ڇاپو هڻي 29 هارين کي بازياب ڪرايو ويو، جن ۾ 9 عورتون ۽ 11 ٻارڙا به شامل آهن.

پوليس بازياب ڪرايل هارين کي بدين جي سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*