آصف زرداري جي صدارت هيٺ دبئي ۾ پيپلزپارٽي جي مشاورتي اجلاس کانپوءِ سنڌ ڪابينا ۾ ڦيرڦار جا امڪان

asif-zardari-qaim-ali

پيپلز پارٽي جي دبئي ۾ ٿيل اجلاس ۾ سنڌ ڪابينا ۾ ڦير ڦار سميت مختلف فيصلا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اجلاس ۾ شرڪت بعد وڏو وزير دبئي کان ڪراچي روانو ٿي ويو آهي.

ذريعن موجب سنڌ ڪابينا ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت شرجيل ميمڻ کان وزارت واپس ورتي ويندي ۽ مولابخش چانڊيو کي وڏي وزير جو صلاحڪار بڻائڻ جو فيصلو ٿيو آهي.

ذريعن موجب سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙي کي مليل کاتن ۾ به تبديلي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڏو وزير اجلاس ۾ شرڪت بعد دبئي کان ڪراچي روانو ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*