سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن ارسلان جي گمشدگي خلاف درخواست تي آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز کي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري

Sindh High Cooort

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن ارسلان جي گمشدگي خلاف درخواست تي آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز کي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته ساڳي عدالت متحده ڪارڪن عبدالقادر جي گمشدگي بابت اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪورنگي مان کنڀي گم ڪيل ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن ارسلان جي گمشدگي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت اهڙي درخواست تي آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز کي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪندي ٻن هفتن اندر جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي نبي بخش ٿاڻي جي حد مان کنڀي گم ڪيل  متحده ڪارڪن عبدالقادر جي گمشدگي خلاف درخواست تي به ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ڊي ايس پي عدالت کي ٻڌايو ته عبدالقادر جي گمشدگي جو ڪيس نامعلوم رينجرز اهلڪارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، اهڙي آگاهي بعد عدالت عبدالقادر جي گمشدگي بابت اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪرائڻ  جو حڪم ڏنو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*