رائس ملرز جي هڪ هٽي، سارين جو مناسب اگهه نه ملڻ ۽ في مڻ تي ڏيڍ ڪلو ڪٽوتيءَ خلاف آبادگارن جو ڌرڻو

kambar-protest

رائس ملرز جي هڪ هٽي، سارين جو مناسب اگهه نه ملڻ ۽ في مڻ تي ڏيڍ ڪلو ڪٽوتيءَ خلاف قمبر ڀرسان آبادگارن سارين جون ٽريڪٽر ٽراليون ڀري شهدادڪوٽ روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ٽريفڪ معطل ٿي وئي، باڊهه ۾ ايس ٽي پي پاران آبادگارن جي حق ۾ احتجاج ڪيو ويو.

آبادگارن ذوالفقار چانڊيو ۽ صدام کوسي جي اڳواڻيءَ ۾ سارين جون ٽريڪٽر ٽراليون ڀري ڇڄڙا باءِ پاس وٽ شهدادڪوٽ روڊ تي ڌرڻو هنيو.

آبادگارن جي ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين روڊ تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جنهن دوران رائس ملرز خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.

آبادگارن جو چوڻ هو ته ضلعي انتظاميا پاران سارين جي ڪٽوتي تي پابندي مڙهڻ بعد ڪارخانيدارن خريداري بند ڪري ڇڏي آهي.

هنن چيو ته آبادگارن کان ساريون ساڍا 7 سئو رپيا في مڻ جي حساب سان ورتيون پيون وڃن، چونڊيل نمائندا ۽ سنڌ سرڪار خاموش تماشائي بڻيل آهن.

باڊهه ۾ آبادگارن کي سارين جو مناسب اگهه نه ملڻ خلاف ايس ٽي پي ڪارڪنن عالم بروهي ۽ اصغر نوناري جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڪارخانيدار هڪ هٽِي قائم ڪري آبادگارن کان 7 سئو رپيا في مڻ ساريون خريد ڪري رهيا آهن، جنهن سبب آبادگارن جا خرچ ئي نٿا نڪرن.

هنن مطالبو ڪيو ته رائس ملرز کي سارين جو في مڻ 900 رپيا خريد ڪرڻ جو پابند بڻايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*