ٺل ۾ سيئر سول جج جاويد احمد ميراڻي جو تعلقي اسپتال تي ڇاپو

thul

ٺل ۾ سيئر سول جج جاويد احمد ميراڻي تعلقي اسپتال تي ڇاپي دوران 5 ڊاڪٽرن سميت 15 کان وڌيڪ ملازمن جي غير حاضري ۽ صفائيءَ جا انتظام بهتر نه هئڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پوليس کي مرده خاني تان قبضو خالي ڪرائڻ جو  حڪم ڏنو آهي.

سينيئر سول جج جاويد احمد ميراڻي تعلقي اسپتال تي اوچتو ڇاپو هنيو، جنهن دوران 5 ڊاڪٽرن سميت 15 کان وڌيڪ ملازم غير حاضر هئا.

سينيئر سول جج اسپتال ۾ صفائيءَ جا انتظام بهتر نه هئڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي عملي کي سخت ڇنڊ پٽي.

سينيئر سول جج جاويد احمد ميراڻي اي سيڪشن پوليس کي طلب ڪري اسپتال جي مرده خاني تان بااثر جو قبضو خالي ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*