سياري جي مند ايندي ئي سائيبريا ۽ ٻين ٿڌن علائقن مان سنڌ جو رخ ڪندڙ پکين جو غير قانوني شڪار به شروع

brids

سياري جي مند ايندي ئي سائيبريا ۽ ٻين ٿڌن علائقن مان سنڌ جو رخ ڪندڙ پکين جو غير قانوني شڪار به شروع ٿي ويو آهي، جهنگلي جيوت کاتو خاموش تماشائي بڻيل آهي.

ٺٽي ضلعي جي ڪينجهر، هاليجي ۽ هڏيرو ڍنڍن تي هر سال جيان هيل به سائيبيريا ۽ ٻين ٿڌن علائقن کان ايندڙ بدڪن، آڙين، نيرڳين، سرهنڊي، ڊگهوش، چيڪلَي ۽ ٻين پرديسي پکين جو شڪار جاري آهي.

 جهنگلي جيوت کاتي پاران سينچوريز قرار ڏنل ڪينجهر، هاليجي ۽ هڏيرو ڍنڍ تي به شڪار جاري آهي، ٽنهي ڍنڍن کي عالمي طور تي رامسر سائيٽس قرار ڏنل آهن، جتي فائرنگ ته پري ڍنڍ جي ڏيڍ ڪلوميٽر تائين اڏاوت به نه ٿي ڪري سگهجي.

هاليجي ۽ هڏيرو ڍنڍن ۾ مٺو پاڻي نه هئڻ ڪري اڳ ئي پرديسي پکين جي آمد گهٽجي وئي آهي، اهي پکي هاڻ ضلعي جي مختلف علائقن ۾ قائم خانگي شڪارگاهن جو رخ ڪرڻ لڳا آهن.

ساڃاهه وند ڌرين جهنگلي جيوت کاتي جي بي ڌياني تي اچرج جو اظهار ڪندي گهر ڪئي آهي ته سنڌ جي فطري حسن ۾ بيپناهه واڌارو ڪندڙ پرديسي پکين جي تحفظ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*