سکر،جيڪب آباد،بدين، قاضي احمد، دوڙ، مورو،ڊگهڙي، اوٻاوڙو،ٽنڊوآدم، ٿاڻو بولا خان ۾ استادن جو احتجاج

teachers-protests

ڪراچي ۾ پ ٽ الف جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج دوران استادن تي پوليس جي وحشياڻي تشدد خلاف مختلف شهرن ۾ اسڪولن جي تالابندي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مختلف شهرن ۾ استادن پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ سيڪريٽري تعليم جي برطرفي ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج دوران پوليس استادن کي تشدد جو نشانو بڻائي 2 سئو کان وڌيڪ گرفتاريون ڪيون هيون.

استادن تي پوليس تشدد ۽ گرفتارين خلاف لاڙڪاڻَي، ميرپورخاص، نوابشاهه، ٺٽَي، شڪارپور، ٽنڊوآدم، باڊهه، مٺياڻي، ڊگهڙِي، ٿاڻَي بولا خان، ٽنڊَي الهيار، ڳڙهي خيري، ميرپور ماٿيلَي، ڪرمپور، لالو رائنڪ، جاتي، ننگرپارڪر ۽ ٻين شهرن ۾ اسڪولن جي تالابندي ڪئي وئي آهي.

استادن ڪيترن ئي علائقن ۾ اسڪول ويندڙ شاگردن کي واپس گهرن ڏانهن موٽائي ڇڏيو.

ڪراچي ۾ ٽيچرس تي تشدد خلاف سکر  ۾ سبحان علي شاهه ۽ سائره ڀٽي جي اڳواڻيءَ ۾ استادن احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

حيدرآباد ۾ پڻ پ ٽ الف جي سڏ تي تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪري ظهير مرزا ۽ ثريه جتوئي جي اڳواڻيءَ ۾ ريڊيو پاڪستان ٻاهران احتجاج ڪيو.

بدين، ڏهرڪي، دوڙ ۽ ٻانڌي ۾ اسڪولن جي تالابندي بعد استادن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا.

پ ٽ الف اڳواڻن جو چوڻ آهي ته مطالبن جي مڃتا لاءِ پرامن طريقي سان احتجاج ڪندڙ استادن تي پوليس بنا جواز لٺبازي ۽ شيلنگ ڪري تشدد جو نشانو بڻايو آهي، جنهن جي هــُو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*