شاهپور چاڪر ۾ اينٽي ڪرپشن جي ٽيم رورل هيلٿ سينٽر تي ڇاپو

anty-hyd

شاهپور چاڪر ۾ اينٽي ڪرپشن جي ٽيم رورل هيلٿ سينٽر تي ڇاپو هڻي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ چئن سالن جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن نوابشاهه علي اڪبر بروهي ۽ سرڪل آفيسر سانگهڙ رئيس خانزادَي جي اڳواڻيءَ ۾ ٽيم رورل هيلٿ سينٽر تي ڇاپو هنيو.

ڇاپي دوران اينٽي ڪرپشن جي ٽيم ڇنڊڇاڻ کانپوءِ چئن سالن جو رڪارڊ ضبط ڪري ڇڏيو.

اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن نوابشاهه علي اڪبر بروهي چيو ته ڪرپشن جي شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي وئي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*