سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درازا سانحي ۾ مارجي ويل گل محمد جوڻيجو ۽ ٻين جي وارثن جي درخواست تي ٻڌڻي

Sindh High Court Karachi

سنڌ هاءِ ڪورٽ درازا سانحي ۾ مارجي ويل گل محمد جوڻيجو ۽ ٻين جو قتل ڪيس فنڪشنل ليگ اڳواڻ صدرالدين شاهه جي پٽ اسماعيل شاهه سميت 18 ڄڻن خلاف داخل ڪرڻ واري درخواست تي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر  ۽ ايس ايس پي خيرپور  کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درازا سانحي ۾ مارجي ويل گل محمد جوڻيجو ۽ ٻين جي وارثن جي درخواست تي ٻڌڻي  ٿي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسماعيل شاهه، غلام مرتضيٰ شاهه ۽ ٻين کي درزا پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ تي فائرنگ جي نتيجي ۾ گل محمد ۽ ٻيا مارجي ويا .

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته گل محمد جوڻيجو ۽ ٻين جو قتل ڪيس اسماعيل شاهه سميت 18 ڄڻن خلاف داخل ڪيو وڃي.

عدالت اهڙي درخواست تي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ، ايس ايس پي خيرپور   ۽ ٻين عملدارن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*