شڪارپور جي عدالت شهرين کي غير قانوني طور حراست ۾ رکڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ايس ايڇ او کي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو

sho-shikarpur

شڪارپور جي عدالت شهرين کي غير قانوني طور حراست ۾ رکڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ايس ايڇ او کي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو، ايس ايڇ او کي رات ساڳئي ٿاڻي جي لاڪپ ۾ گذارڻي پئي.

گذريل رات ٻن شهرين رضوان ميمڻ ۽ عبدالله معرفاڻي کي غير قانوني طور حراست ۾ رکڻ تي ايس ايس پي ناصر آفتاب جي حڪم تي ايس ايڇ او اسٽورٽ گنج پرويز مٺاڻي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو ويو هو.

پوليس  گرفتار ايس ايڇ او کي سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن 50 هزار رپين جي ضمانت عيوض کيس آزاد ڪري ڇڏيو.

ٻئي طرف ناحق حراست هيٺ ورتل ٻن ڄڻن رضوان ميمڻ ۽ عبدالله مارفاڻي کي ايس پي جي هدايت تي آزاد ڪيو ويو.

Comments

  1. saleemmagsi98@yahoo.com
    saleemmagsi98@yahoo.com 26 November, 2015, 18:40

    rashe sho prazwez mtani shahdadkot es k upr shahdadkot mia 5 kas hn

    Reply this comment

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*