سينيٽ جي سـُڌ سماءَ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي، قومي ورثن جا انتظام سي ڊي اي حوالي ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

senate-pakistan-11-8

 سينيٽ جي سـُڌ سماءَ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي، قومي ورثن جا انتظام سي ڊي اي حوالي ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي، وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته قومي ورثن جا انتظام وزارت سنڀاليا ته  فنڊز جو مسئلو ٿي سگهي ٿو، ضرب عضب ۽ ڪراچي آپريشن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آهن.

سينيٽ ڪامل علي آغا جي صدارت هيٺ سينيٽ جي سڌ سماءَ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قومي ورثن جا انتظام سي ڊي اي حوالي ڪرڻ، صحافين جي تحفظ بابت بل ۽ امن امان جي صورتحال تي بحث ڪيو ويو.

اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي ميمبر سسئي پليجو ۽ ربينا خالد پاڪ-چين فرينڊ شپ سينٽر سميت ٻين قومي ورثن کي سي ڊي اي حوالي ڪرڻ جي مخالفت ڪئي.

 ميمبرز چيو ته جيڪڏهن اهڙي طرح قومي ورثن جي حوالگي ڪئي وئي ته هڪ ڏينهن موهن جو دڙو به لاڙڪاڻي ڪميٽي حوالي ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته دهشتگردي جي خاتمي کي اوليت ڏئي رهيا آهيون، ضرب عضب ۽ ڪراچي آپريشن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آهن، 2013 ۽ هاڻي واري پاڪستان ۾ گهڻو فرق آهي.

پرويز رشيد چيو ته دهشتگردي خلاف کنيل قدمن جي سڄي دنيا ساراهه ڪري رهي آهي، مختلف ڪيسن ۾ شاهدن جي مارجڻ وارن واقعن جي روڪٿام لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.

اجلاس ۾ صحافين جي تحفظ بابت بل جرنلسٽ پروٽيڪشن ۽ اينڊ ويلفيئر 2011 بابت بل تي بحث ڪندي ن ليگ جي سينيٽر نهال هاشمي چيو ته صحافين  به وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، انهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ بابت بل منظور ڪيو وڃي.

پرويز رشيد چيو ته جيڪڏهن صحافين کي تحفظ فراهم ڪرڻ بابت بل منظور ڪيو ته پوءِ ڊاڪٽر سميت هر ڪو پاڻ کي غير محفوظ سمجهندو ۽ سڪيورٽي لاءِ درخواستون ڏيندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*