ڊاڪٽر عاصم جي رمانڊ تي رينجرز جي وڪيل ۽ پراسيڪيوٽر جنرل وچ ۾ اختلاف

Dr-Asim-29-10

ڪراچي جي دهشتگردن ٽوڙ عدالت جي دهشتگردن جي مالي مدد جي الزام هيٺ گرفتار اڳوڻي وفاقي وزير  ڊاڪٽر عاصم حسين کي 4 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر عاصم جي رمانڊ تي رينجرز جي وڪيل ۽ پراسيڪيوٽر جنرل وچ ۾ اختلاف سامهون آيا.

ڪراچي پوليس ڊاڪٽر عاصم حسين کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي انتظامي جج نعمت الله ڦلپوٽو وٽ  پيش ڪندي 4 ڏينهن جو رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي.

ڊاڪٽر عاصم جي رمانڊ تي رينجرز جي وڪيل ۽ پراسيڪيوٽر جنرل وچ ۾ اختلاف ان وقت سامهون آيا، جڏهن پراسيڪوٽر جنرل 4 ڏينهن جي رمانڊ جي استدعا ڪئي، جڏهن ته رينجرز جي وڪيل چيو ته  4 ڏينهن نه پر 14ڏينهن جو رمانڊ ڏنو وڃي.

رينجرز جي وڪيل پراسيڪوٽر جنرل جي عدالت ۾

پوليس ۽ رينجرز ڊاڪٽر عاصم کي هٿ ڪڙيون هڻي سخت سيڪيورٽي ۾ بڪتر بند گاڏي ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو.

عدالت ۾ پيشي دوران رينجرز جي وڪيل ايف آءِ آر جي ڪاپي پيش ڪندي چيو ته ڊاڪٽر عاصم کي 26 آگسٽ تي گرفتار ڪيو ويو ۽ هو متحده، پابندي مڙهيل تنظيمن ۽ لياري گينگ وار دهشتتگردن کي علاج سون سهولتون فراهم ڪندو رهيو آهي.

رينجرز جي وڪيل ٻڌايو ته ڊاڪٽر عاصم اعتراف ڪيو آهي ته هن ايم ڪيو ايم اڳواڻن وسيم اختر، سليم شهزاد، رئوف صديقي، انيس قائمخاني ۽ پ پ اڳواڻ قادر پٽيل جي چوڻ تي دهشتگردن کي علاج جون سهولتون ۽ پناهه ڏيندو رهيو آهي.

ايف آءِ آر ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ڊاڪٽر عاصم سوئي گيس ۾ غير قانوني ڀرتين ۽ ٺيڪن ۾ به ملوث رهيو آهي،جنهن خلاف جاچ ڪئي پئي وڃي.

ڊاڪٽر عاصم کي عدالت ۾ پِيش ڪرڻ دوران سندس گهر واري، ڌي ۽ ٻين گهر ڀاتين ملاقات ڪئي.جڏهن ته ڊاڪٽر عاصم جي وڪيلن چيو ڊاڪٽر عاصم جو 90 ڏينهن جو رمانڊورتو ويو ۽ کيس وڌيڪ حراست ۾ رکڻ جي ضرورت نه آهي.

ڊاڪٽر عاصم خلاف گذريل ڏينهن ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد ٿاڻي تي دهشتگردن  جي مالي مدد ۽ دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

ڊاڪٽر عاصم خلاف  داخل ڪيس ۾ متحده اڳواڻن وسيم اختر، رئوف صديقي، سليم شهزاد، انيس قائم خاني ۽ پ پ اڳواڻ عبدالقادر پٽيل جا نالا به شامل ڪيا ويا هئا.

ان کان اڳ رينجرز ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڊاڪٽر عاصم جو 90 ڏينهن جو رمانڊ ورتو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*