وزيراعظم نوازشريف جي اجازت کانپوءِ ڀارتي حڪومت به سريلنڪا ۾ پاڪ-ڀارت سيريز کيڏڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

pak-vs-india

وزيراعظم نوازشريف جي اجازت کانپوءِ ڀارتي حڪومت به سريلنڪا ۾ پاڪ-ڀارت سيريز کيڏڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ 15 ڊسمبر کان سيريز شروع ٿي سگهي ٿي، حتمي شيڊول جو اعلان جلد ڪيو ويندو.

ڀارتي ميڊيا موجب، بي سي سي آءِ جي سربراهه ششانڪ منوهر پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سريلنڪا ۾ سيريز کيڏڻ جي اجازت لاءِ پنهنجي حڪومت کي خط لکيو هو.

ڀارتي ميڊيا موجب، مودي سرڪار پاڪ-ڀارت سيريز کيڏڻ لاءِ اجازت ڏئي ڇڏي آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ 15 ڊسمبر کان سريلنڪا ۾ 3 ون ڊي ۽ 2 ٽي ٽوئنٽي ميچز کيڏيون وينديون.

ان کان اڳ وزيراعظم نواز شريف به پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ڀارت سان سريلنڪا ۾ سيريز کيڏڻ جي اجازت ڏئي  ڏني هئي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، وزيراعظم نواز شريف کي خط لکي اجازت گهري هئي ته هو ڀارت سان سريلنڪا يا بنگلاديش ۾ ڪرڪيٽ سيريز کيڏڻ چاهين ٿا، جنهن لاءِ کين حڪومت جي منظوري جي ضرورت آهي.

ذريعن موجب، وزيراعظم نواز شريف پي سي کي اجازت ڏيندي چيو آهي ته ڀارت سان سريلنڪا ۾ ڪرڪيٽ سيريز کيڏي وڃي پر اها سيريز مختصر هئڻ گهرجي، قومي ٽيم راويتي مخالف ٽيم سان ون ڊي، ٽي ٽوئنٽي يا ٽيسٽ سيريز کيڏي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*