اليڪشن ڪميشن، سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جَي ٽئين مرحلي دوران فوج مقرر ڪرڻ واري تجويزن تي ويچارڻ لاءِ 28 نومبر تي اجلاس طلب

Election--11-11

اليڪشن ڪميشن، سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جَي ٽئين مرحلي دوران فوج مقرر ڪرڻ واري تجويزن تي ويچارڻ لاءِ 28 نومبر تي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ هر مثبت قدم کنيا ويندا.

اليڪشن ڪميشن 5 ڊسمبر تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ فوج جي مقرري وارين تجويزن تي ويچارڻ لاءِ 28 نومبر تي اجلاس طلب ڪيو آهي.

سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بابر يعقوب جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ، چيف سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري ۽ اليڪشن ڪميشن جا عملدار شرڪت ڪندا.

اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ڊي آر او پاران مڪاني چونڊن جي ٽئين مرحلي ۾ فوج مقرر ڪرڻ واري تجويزن تي ويچاريو ويندو.

سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بابر يعقوب چيو آهي ته ڪراچي ۾ بلدياتي اليڪشن دوران امن امان برقرار رکڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، چونڊ ضابطن جي ڀـڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

واضح رهي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٽئين مرحلي لاءِ پنج ڊسمبر تي ڪراچي پولنگ ۾ ٿيندي، جنهن جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*