اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته آصف زرداري پاران جيل ۾ ڪاٽيل 18سالن جو حساب ڪير ڏيندو

raja_pervez_ashraf_file_11-

اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز  اشرف چيو آهي ته آصف زرداري پاران جيل ۾ ڪاٽيل 18سالن جو حساب ڪير ڏيندو، آصف زرداري تي الزام لڳائي ڪيس داخل ڪيا ويا.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راجا پرويز اشرف  چيو ته 18سالن کانپوءِ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ايس جي ايس ۽ ڪوٽيڪنا ريفرنسز مان بري ٿيڻ مان واضح ٿي ويو ته مٿس داخل ڪيس ڪوڙا هئا.

هن چيو ته آصف زرداري علاج لاءِ دبئي ۾ ترسيل آهي، ڪيسز مان فرار ٿيڻ واريون خبرون بي بنياد آهن.

راجا پرويز اشرف چيو ته آصف زرداري تي الزام مڙهي ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا، جڏهن ته وزير اعظم نواز شريف خلاف 26 ڪيس هئڻ باوجود ڪوبه اسٽي جاري ناهي ٿيو.

اڳوڻي وزير اعظم حڪمران جماعت کان سوال ڪندي چيو ته آصف زرداري پاران جيل ۾ ڪاٽيل 18سالن جو حساب ڪير ڏيندو.

پرويز اشرف چيو ته حڪمران جماعت  پ پ جي ڪو چيئرمين کي انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو، ٻين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندڙن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*