لاڙڪاڻي جي مختلف علائقن ۾ پوليس مسافر خانن تي ڇاپا هڻي ٻن عورتن ۽ هڪ پوليس اهلڪار سميت 6 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

larkana-Map05-8

لاڙڪاڻي جي مختلف علائقن ۾ پوليس مسافر خانن تي ڇاپا هڻي ٻن عورتن ۽ هڪ پوليس اهلڪار سميت 6 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

اَي ايس پي توقير احمد جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس اسٽيشن روڊ سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ قائم مسافر خانن تي ڇاپا هڻي جهڙتي ورتي.

پوليس موجب مسافر خانن تي ڇاپن دوران ٻن عورتن ۽ هڪ پوليس اهلڪار سميت 6 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

اَي ايس پي توقير احمد موجب مسافر خانا غير اخلاقي سرگرمين ۾ استعمال ٿين ٿا، جنهن ڪري مستقبل ۾ به ڇاپن جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*