ميرپورماٿيلو ويجهو پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

mathlo

ميرپورماٿيلو ويجهو پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، زخمي جوابدار الزام هنيو آهي ته کيس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي زخمي ڪيو ويو آهي.

جروار ٿاڻي جي پوليس موجب خانپور روڊ مقابلي ۾ هڪ ڦورو دلبر بجاراڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب گرفتار جوابدار وٽان هڪ ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ۽ رائيفل هٿ ڪئي وئي آهي، جنهن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا جاري آهي.

زخمي جوابدار جو چوڻ آهي ته پوليس تي الزام هڻندي چيو آهي ته کيس  ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي زخمي ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته مونکي پنهنجي دوست ضمير لنڊ سان گڏ 3 ڏينهن اڳ ڳوٺ دٻي خشڪ  مان گرفتار ڪيو ويو هو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*