ڪراچي جي اتحاد ٽائون واري علائقي ۾ رينجرز ڪارروائي دوران ٽن دهشتگردن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

karachi-rangres-21-11

ڪراچي جي اتحاد ٽائون واري علائقي ۾ رينجرز ڪارروائي دوران ٽن دهشتگردن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، طارق روڊ تي حساس ادارن ڪارروائي دوران مبينا دهشتگرد گرفتار کي گرفتار ڪري ورتو، ذريعن موجب گرفتار جوابدار بابر عرف بوبِي لياري ۾ ٿيل ڌماڪي جو سهولڪار هو.

رينجرز ترجمان موجب اتحاد ٽائون واري علائقي ۾ ڪارروائي دوران ٽن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ترجمان موجب گرفتار جوابدار قتل ۽ اغوا سميت مختلف ڏوهن ۾ ملوث آهن، جن جي قبضي مان هٿيار به هٿ آيا آهن.

طارق روڊ واري علائقي ۾ حساس ادارن ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد بابر عرف بوبي کي گرفتار ڪري ورتو.

ذريعن موجب گرفتار جوابدار لياري جي گهاس منڊي واري علائقي ۾ بم ڌماڪي جو سهولتڪار هو، جنهن ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*